Urdu & Hindi Stories - Stories.pk

Read stories online, urdu stories, hindi stories, desi love stories, novels

Login | Register

Post new topic Reply to topic  [ 1 post ] 

Wed Jun 23, 2010 3:19 pm

Offline
User avatar
Joined: Sat Apr 17, 2010 2:15 pm
Posts: 3605

اچ ويل پيارٻيهر ورايون ٻئي
ڪا اداسي کڻي شام ٿي موڪلائي،
۽ ڇاتي تي آڪاش ستارا سجائي،
اجهو چنڊ ٻيهر ٿيو نروار آهي،
مگر درد پنهنجو ٿو هر ڪو لڪائي،
خبر ٿئي پرين ڇا سبب آهي ان جو؟
جو ويل شام ايڏي اداسي کڻي وئي،
ستارا نه اڀريا انهي تاب سان،
جيڪا هر روز هئي سونهن آڪاش جي،
اڄ اها روشني ناهي مهتاب جي،
چنڊ چوڏهين جو هوندي به بي نور آ،
۽ ڇو خاموش گُم سُم رهي ٿي صبا،
ڇو نظارن ۾ شوخي اڳوڻي نه آ،
مگر تون ڇا ڄاڻين اي نادان مورت،
تنهنجون سوچون ته تو تائين محدود آهن.
احساسن کان معذور منهنجا پرين،
دل ۾ ٻئي لا سوچڻ جي عادت ته وجهه.
اچ ته توکي ٻڌايان حقيقت اُها!
ڇو نظارا ٿا اوجهل لڳن اڄ پرين،
ڇو چنڊ تارا اسان کان رُٺل ٿا رهن،
سڀ هي دنيا جي ظلمت کان ناراض آهن،
۽ محبت جي ويرين کان ڪاوڙ پيا ڪن،
بند ڪمرن ۾ بند ٿيل اڄوڪو هي جيون،
چنڊ روشن ڪري ڪئين ۽ ڪنهن جي ڪري
ڪتيون مرڪي ملن ڇو ۽ ڇا جي ڪري
ڪو موڪلائي نٿو پيار سان شام کان
صبا کي ته اڄ به ٿيون يادون ستائن،
پريمين جي ٻولين سان مصروف راتيون
هوا جي ڪنن ۾ ڪو آواز ٿيون ڪن
هي دنيا مان ويندڙ محبت ڏسي،
سڀ نظارا اسان کان رٺل ٿا رهن.
اچ ته جذبا ۽ احساس ميڙي سُميل
محل چاهت جو تون مان ٺاهيون ٻئي
اچ ته تون مان گڏجي ڪيون ڪو جتن
اچ ويل پيار ٻيهر ورايون ٻئي


What are your comments about these Sindhi Poetry?



Top Top
  Profile
Display posts from previous:  Sort by  
Post new topic Reply to topic  [ 1 post ] 

All times are UTC + 5 hours


Who is online

Users browsing this forum: No registered users and 0 guests


You cannot post new topics in this forum
You cannot reply to topics in this forum
You cannot edit your posts in this forum
You cannot delete your posts in this forum
You cannot post attachments in this forum


Search for:
Jump to: